اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عم??ان خان صدارت ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي، والٽن ايئرپورٽ جي منتقلي ۽ پنجاب جي ننڍن شهرن جي ڀرپاسي ۾ وزير??عظ?? عم??ان خان جي ويزن تحت عوام کي سستي رهائش جي فراهمي جي منصوبي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزي اجلاس منعقد ٿيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ??يف??يننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا. پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جو صلاحڪار ڊاڪٽر س??ما?? شاهه، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر آفيسرن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.