نوشهره – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فوڊ ??يڪيورٽي، وڌندڙ آبادي، روزگار جي فراهمي، موسيماتي ت??ديلي، آلودگي ۽ پرڏي??ي ناڻي جي گهٽتائي کي ملڪ جي لاءِ وڏا چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪر رهيو آهي، زيتون جي پوکي مان پرڏي??ي ناڻي جي بچت ۽ روزگار جا موقعا ملندا، پاڪستان موسمياتي ت??ديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، سڄي ملڪ ۾ ميويدار وڻن جي پوکي لاءِ علائقا مختص ڪيا ويندا، وڌندڙ آبادي لاءِ فوڊ ??يڪيورٽي حڪومت جي ذميداري آهي، ن??جوانن ۽ شاگردن کي بلين ٽري سونامي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي، پاڪستان ۾ جيڪڏهن اسان زيتون جي پوکي تي ڌيان ڏيون ته اسپين جي مقابلي جي مقابلي ۾ وڌيڪ کاڄرو تيل برآمد ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن زيتون جي وڻڪاري مهم جي آغاز تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.