اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) سي??يٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان صوماليه جي سفير مس خديجه محمد الامخدومي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اهم معاملن سميت علائقائي صورتحال، واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي تفصيلي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. سي??يٽ سيڪريٽريٽ موجب محمد صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان صوماليه سان گڏيل لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن کي گهڻ رخي سطح تي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، سي??يٽ چيئرمين چيو ته صوماليه سان واپاري ۽ اقتصادي ۽ عوامي ۽ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي عالمي فورمن تي حمايت ڪئي آهي جيڪو قابل تحسين آهي، سي??يٽ چيئرمين چيو ته عالمي فورمن تي بهترين تعاون موجود آهي جتان مسئ??ن جي حل لاءِ نه رڳو ??دم کنيا ويندا آهن پر گڏيل لائحه عمل به اختيار ڪيو ويندو آهي.