اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جو وڏو پاليسي فيصلو آهي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن کانپوءِ چئنل جي ريٽنگ ۾ شفافيت ٿيندي، ڪيبل آ??ريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض فراهم ڪيا ويندا جنهن سان ڪيبل آ??ريٽيرز کي ڊجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ اها رقم اهي پنهنجي صارفين کان وصول ڪر?? واپس ڪر?? سگهندا. اها ڳالهه هن هتي ڪيبل آ??ريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين خالد آرائين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته ملڪ ۾ 4026 ڪيبل آ??ريٽرز موجود آهن، اسان جو مقصد ڪيبل آ??ريٽرز کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪندي عوام کي ڊجيٽل ڪيبل جي فراهمي ممڪن بڻائڻ آهي، هن چيو ته حڪومت ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ ڪوششون ڪر?? رهي آهي، ڪيبل آ??ريٽرز اسٽيڪ هولڊرز طور تي اٿارٽي جي قي??م جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏين، اطلاعات واري وفاق?? وزير پيمرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪيبل آ??ريٽرز سان ملاقات ڪر?? ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان معاملن کي حتمي شڪل ڏي.