اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ اوورسيز پاڪستانين کي گهر، زمين جي خريد??ري ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون، روشن پنهنجو گهر اسڪيم تحت اهي مشڪلاتون آساني ۾ بد??جي وينديون، وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ روشن پنهنجو گهر اسڪيم شروع ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڊيجيٽل پراسيس ذريعي پاڪستان ۾ هائوسنگ ۾ سيڙپڪ??ري ۽ آسان فنانسنگ حاصل ڪري سگهندا، اسٽيٽ بئنڪ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي سميت ??مو??ين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اها اسڪيم تيار ڪئي آهي. هن چيو ته روشن پنهنجو گهر اسڪيم ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ رکندڙ اوورسيز پاڪستاني سيڙپڪ??ري ڪري سگهن ٿا، روشن پنهنجو گهر اسڪيم ۾ گهر خريد ڪندڙ ڪنهن به وقت پنهنجو گهر وڪرو به ڪري سگهندا، روشن پنهنجو گهر اسڪيم جي لاءِ اڳ کان منظور ٿيل منصوبن جي فهرست جوڙي وئي آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ منصوبن ۾ اضافو ٿيندو رهندو.