اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پيغام آهي، ان جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين، عشره رحمت ا??لعالمين جي تقريبن جي موقعي تي ”پيغام پاڪستان“ بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري اسان هڪ اهڙ?? معاشري جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي ??هيا آهيون جيڪو رواداري ۽ برداشت تي ٻڌل هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهب?? معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري سان گڏ 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول ﷺ جي موقعي تي تقريبن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. اطلاعات واري وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه ۽ سندس تعليم پور?? معاشري جي لاءِ عملي نمونو آهن، اسان کي سيرت طيبه کي عملي طور تي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ??رڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو ته اسان پنهنجي زندگين کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ موجب بڻائي مسئلن جو حل ڪڍي سگهون ٿا. هن اجلاس کي ٻڌايو ته عشره شان رحمت جي سلسلي ۾ مذهب?? معاملن واري وزارت 20 آڪٽوبر تائين مختلف موضوعن جو شيڊول جاري ڪيو آهي. هن انهن موضوعن کي نظر ۾ رکندي سيرت ڪانفرنسن جي انعقاد تي زور ڏنو. وفاقي وزير وزيراعظم جي هدايت موجب 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته رحمت ا??لعالمين ﷺ اٿارٽي جي قيام جو اعلان خوش آئنده آهي، ان اٿارٽي جي ذريعي نوجوان نسل کي مسلمانن جي تاريخ ۽ اسلامي انقلاب جي رخن کان روشناس ڪرايو ويندو.