اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ست??ن ڀائر ملڪ شام ??ان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب جمهوريه شام جي تعليم واري وزير ڊاڪٽر داريم تبع ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ شام جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن جون پا??ون گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت ۾ آهن. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پا??ست??ن انٽرنيشنل اسڪول دمشق ۾ شامي رهواسين کي معياري تعليم فراهم ڪندڙ هڪ ناليوارو ادارو آهي. هن چيو ته هي اسڪول شامي شاگردن کي عالمي معيار موجب تعليم فراهم ڪندو رهندو. صدر اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي طرفن مختلف شعبن خاص طور تي تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا ??ان گڏوگڏ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻڌايو ويو ته پا??ست??ن شامي شاگردن کي پا??ست??ن جي پيشيواراڻي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وظيفن جي آڇ ڪندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر داريم تبع شامي قيادت پاران صدر کي مبارڪباد وارو پيغام پهاچيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.