اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين پنهنجي شهرين کي ذات، رنگ، يا نسل سان قطع نظر آزادي جي ضمانت ڏي ٿو، حڪومت پاڪستان ا??سا??ي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پرعزم آهي ۽ رياست جي هر شهري جي آزادي، وقار ۽ ع??ت نفس جي تحفظ لاءِ ڪوششو?? جاري رکندي، اسان کي عورتن جي حقن کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. ا??سا??ي حقن جي عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر 2021ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ا??سا??ي حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ هر سطح تي ا??سا??ي حقن جي فروغ لاءِ اسان جي پختي عم جي نش??ندهي ڪري ٿو، ??سا??ي وقار کي برقرار رکڻ، ا??سا??ي حقن جو تحفظ ۽ ا??سا??ي آزادي ۽ برابري کي يقيني بڻائڻ اسان جي مذهب ۽ آئي?? جا ڪجهه بنيادي اصول آهن.
هن چيو ته هن سال جي ا??سا??ي حقن جي ڏينهن جو ٿيم ”برابري“ ۽ يو ڊي ايڇ آر جي آرٽيڪل 1 – ”سمورا ا??سا?? آزاد پيدا ٿيا آهن ۽ وقار ۽ حقن ۾ برابر آهن“ بابت آهي، هن چيو ته برابري ۽ ع??م امتياز جا اصول ا??سا??ي حقن جي سڃاڻپ آهن. برابري، جامعيت ۽ ع??م امتياز تي ٻڌل موقف اڻبرابري کي گهٽ ڪندو آهي ۽ معاشري ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي. صدر چيو ته پاڪستان جو آئين پنهنجي شهرين کي ذات رنگ يا نسل کان قطع نظر آزادي جي ضمانت ڏي ٿو. حڪومت پاڪستان ا??سا??ي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پرعزم آهي ۽ رياست جي هر شهري جي آزادي، وقار ۽ ع??ت نفس جي تحفظ جي لاءِ ڪوششو?? جاري رکندي. هن چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ پوئتي پيل طبقن جي تحفظ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت جو ادراڪ ڪندي حڪومت ا??سا??ي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قانوني، معاشي ۽ سماجي ڍانچو قائم ڪرڻ جيل اءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته حڪومت ن??جو??نن، عورتن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن، اسان کي عورتن جي وراثت جي حقن کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته آئون اڄ ان موقعي تي غير قانوني طور تي ڀارتي والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان مسلسل فوجي لاڪ ڊائون، ڪرفيو ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميرين جي بنيادي ا??سا??ي حقن کي دٻائڻ تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا، صدر چيو ته ان ڏينهن آئون عالمي برادري کان مطالبو ڪريان ٿو ته هو اڳتي اچي ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي ا??سا??ي حقن جي تحفظ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان جي خودمختياري واري حق لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته آئون گڏيل قومن جي ادارن، غير سرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا کي به ساراهيان ٿو ته هو اسان جي ماڻهن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.