اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏئي سگ??جي ٿو، سياحت جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي کوٽ تربيت سا?? پوري ڪري سگ??جي ٿي، سياحت بابت خدمتن ۽ سهولتن ۾ بهتري سا?? ان شعبي کي ترقي ڏئي سگ??جي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پهاڙن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سا?? ”پهاڙن ۾ پائيدار سياحت ۽ راندين جي ترقي“ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي سياحت جو وڏو شوق آهي، پاڪستان دنيا جي خوبصورت ملڪن مان هڪ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻڌمت جا بي شمار مذهبي ماڳ ۽ آثار آهن، ملڪ ۾ مذهبي ۽ ثقافتي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، سنڌو درياءُ، موهن جو دڙو تهذيب جو مرڪز رهيو آهي، هن چيو ته قدرتي ماحول سا?? وقت گذارڻ انسان جي فطرت ۾ شامل آهي، سياحت سا?? گڏوگڏ ماحول کي به بچائڻو آهي، وقت سا?? گڏوگڏ سياحتي ماڳن تي دٻاءُ وڌيو آهي، صدر چيو ته نامناسب منصوبابندي جي ڪري سياحتي ماڳن جو حسن خراب ٿيو آهي، آلودگي ۽ تيزي سا?? تعميرات جي ڪري به دلڪش نظارن جي خوبصورتي متاثر ٿي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي حسن جي دولت سا?? ??ال?? مال ڪيو آهي، پاڪستان فطرتي حسن جي ڪري سڄي دنيا مان سياح پاڪستان ايندا آهن، ڪورونا وبا دوران عالمي سطح تي آمدرفت بند هجڻ جي ڪري مقامي سياحن پاڪستان جي قدرتي حسين مناظر ڏسڻ لاءِ سياحتي ماڳن جو رخ ڪيو جنهن سا?? پاڪستان جي قدرتي حسن کي تهشير ملي، هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ حسين مناظر مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ سياح ڇڪجي ايندا آهن، گلگت بلتستان ۾ مقامي آبادي کان وڌيڪ سياح سير ۽ تفريح لاءِ ايندا آهن، مقامي آبادي انهن سياحن کي پنهنجي گهرن ۾ قيام ۽ طعام جي سهولت فراهم ڪندي آهي، بئنڪن پاران مقامي آبادين کي انهن جي گهرن جي توسيع لاءِ بنا وياج قرض ڏنا پيا وڃن، مقامي آبادي کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي سياحت جي شعبي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ ب??تر بڻائي سگ??جي ٿو، سياحتي سهولتن جي طلب تمام گهڻي آهي پر ايتري سهولت دستياب نه آهي. صدر چيو ته سياحت جي شعبي بابت لاڳاپيل انساني وسيلن جي کوٽ آهي، اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت ماڻهن کي سياحتي شعبي سا?? لاڳاپيل صنعتن جي ٽريننگ ڏيڻ جي ضرورت آهي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي يونيورسٽين ۾ گائيڊز، هوٽل مينيجرز ۽ ڊرائيورز جي شارٽ ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته سياحتي شعبي بابت سهولتن ۽ انفرااسٽرڪچر ۾ بهتري آڻي وڌ کان وڌ ماڻهن کي سياحت طرف متوجهه ڪري سگ??جي ٿو، وزيراعظم عمران خان پاڻ سياحت ۽ خوبصورت نظام کي پسند ڪندو آهي ۽ هو ملڪ ۾ سياحت جي فروغ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هي ملڪ ۾ سياحت کي تيزي سا?? فروغ ڏيڻ جو بهترين وقت آهي، اسان کي دنيا کي پنهنجي ملڪ جا خوبصورت ماڳ ڏيکارڻا آهن، ان سا?? ملڪ ۾ روينيو به ايندو. ان موقعي تي ڪوهه پيما محمد علي سدپاره مرحوم سميت ٻين هيروز لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلند ترين چوٽيون سر ڪندڙ ڪوه پيمائن ۾ ايوارڊز ورهايا.