اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ??و غير معمولي اجلاس ٿيڻ خوش آئنده آه??، اهو پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو مثال آهي، مئلن جي ووٽن سان گڏوگڏ ن ليگ انهن جي نالن تي جعلي اڪائونٽس به ٺاهيندي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات ??اري مملڪتي وزير چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته اسان جو ملڪ او آءِ سي جي غير معمولي اجلاس جو ميزبان آهي، هن چيو ته اهو غير معمولي اجلاس افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، فرخ حبيب چيو ته او آءِ سي ??و غير معمولي اجلاس جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. پاڪستان ۾ 40 سالن کانپوءِ او آءِ سي جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس جو پاڪستان ۾ ٿيڻ اسان جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. اجلاس ۾ سڄي دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڏ??ارڻ جي ڪوشش ڪئي ويند??، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات ??ارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو ميڊيا بابت خاص مدگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا.