لاهور – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن ناليواري صحافي ۽ سينيئر اينڪرپرسن حبيب اڪرم سان تعزيت جي لاءِ سندس آفيس ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن حبيب اڪرم جي پٽ عبدالله جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چي?? ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ع??دالله کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ حبيب اڪرم ۽ سندس گهرواريءَ کي صبر جميل عطا فرمائي.