اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اي ڪامرس جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڌيان ڏنو آهي، دنيا ۾ ڪاروبار جو مستقبل ٽيڪنالاجي جي بنياد تي اي ڪامرس پليٽ فارم سان واڳيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ينگ انٽر پرينيورز/ اسٽارٽ اپس جي ا??لا?? جي ??دا??ت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اي ڪامرس جي اهميت جو ادراڪ ڪندي ان جي گروٿ ۾ هر قسم جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن اسٽارٽ اپس جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ان سان اسان جي نوجوان آبادي جي لاءِ نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿي رهيا آهن جيڪا دنيا جي ٻي وڏي نوجوان آبادي آهي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسٽارٽ اپس کي ڪيپيٽل گين ٽيڪس، ڊيجيٽل سگنيچرز، انٽيليڪچو??ل پراپرٽي رائيٽس ۽ عيرملڪي سڌوسنئون سيرپڪاري کي پرڪشش بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اي ڪامرس بي مثال رفتار سان ترقي ڪري رهي آهي، هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي ويليو ۾ 2021ع ۾ پاڪستاني اسٽارٽ اپس جي سيڙپڪاري 37 ڪروڙ 50 لک ڊالر تائين وڌي. اهم اسٽارٽ اپس ۾ اي ڪامرس، لاجسٽڪ، فنٽيڪ ۽ هيلٿ ٽيڪ شامل آهن. ا??لا?? ۾ وزيراع??م جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراع??م جي خاص معاون ۽ سياسي معاملن واري ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين ظفر احسن، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد، ايس ٽي زيڊ اي جي چيئرمين عامر هاشمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.