اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته انساني وقار کي يقيني بڻائڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، اقليتن جي حق?? جو تحفظ ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ اسان جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حق?? واري هاءِ ڪمشنر مشيل بيچليٽ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ??رڏ??هي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??رڏ??هي آفيس موجب ??رڏ??هي وزير انساني حق??، بنيادي آزادي جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مذهب يا عقيدي جي آزادي جي فروغ، خودمختياري واري حق، غلط معلومات جو مقابلو ڪرڻ ۽ اسلاموفوبيا جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي. ??رڏ??هي وزير واضح ڪيو ته انساني وقار کي يقيني بڻائڻ ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ، ٻارن جي حق?? کي اڳتي وڌائڻ، اقليتن جي حق?? جو تحفظ ڪرڻ، بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ اسان جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. ??رڏ??هي وزير ۽ هاءِ ڪمشنر بيچليٽ افغانستان ۾ انساني صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي عوام کي انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي کان بچائڻ لاءِ عالمي مدد جي ضرورت آهي، ??رڏ??هي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي غير مشروط هجڻ گهرجي ۽ افغانستان جا سڀئي منجمند اثاثا افغان عوام کي واپس مو??ائڻ گهرجن. ??رڏ??هي وزير هاءِ ڪمشنر کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين، منظم ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ اتي انساني حق?? جي سنگين صورتحال جي مسلسل نگراني ۽ رپورٽنگ تي انساني حق?? جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس ۽ گڏيل قومن جي خصوصي مينڊيٽ هولڊرز جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته اسان کي ڀارت سرڪار پاران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني آبادياتي تبديلي تي گهري ڳڻتي آهي، ڀارت جي عير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪاري قانون جي لاڳو سان انساني حق?? جي محافظن جي خلاف انتقامي حملا، عدالت کان مٿانهون قتل، جعلي مقابلا ۽ ملڪيتن کي تباهي، معمول بڻجي چڪو آهي، ??رڏ??هي وزير انساني حق?? جي فروغ ۽ تحفظ ۽ پائيدار ترقي جي ايجنڊا جي پڄاڻي لاءِ گڏيل قومن جي انساني حق?? واري مشينري سان پاڪستان جي مسلسل تعاون جو ورجاءُ ڪيو.