اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪائونسل آف منسٽرز جي ڊپٽي چيئرپرسن ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووي??ا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ترڪويچ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت ل??ءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات د??ران بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پاڪستان جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. ملاقات د??ران افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا سميت سلامتي ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. بوسنيا جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بوسنيا ۽ هرزيگوينا سان پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ انهن لاڳاپن کي سماجي، اقتصادي ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي وسيع تناظر ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ پنهنجي ملڪ جي تازه ترين سياسي اڳڀرائي جي باري ۾ پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووي??ا جي عوام جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم بوسنيا ۽ هرزيگووي??ا جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت ل??ءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام ل??ءِ اهم آهي.