اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف سان قطر ج?? سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر ج?? سفير وز??راعظم شهباز شريف کي وز??راعظم چونڊجڻ تي قطري قيادت پارا?? مبارڪباد جو پيغام پهچايو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي قطر ج?? خواهش کي ورجايو. وز??راعظم شهباز شريف قطري قيادت پارا?? مبارڪباد واري پيغام تي قطري سفير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي وز??راعظم ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي شعبن جو ذڪر ڪيو. وز??راعظم افغان امن ۾ سهولتڪار طور قطر ج?? ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ قطر افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. قطر نار ملڪن ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جو گهر آهي. پاڪستان ۽ قطر ج?? وچ ۾ عقيدي ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن يت ويجهو تعاون ڪن ٿا.