اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته جلال آباد ۾ پاڪستاني سفارتڪار جو بي رحماڻو قتل افسوسناڪ آهي، ??فغانستان کي سفارتڪارن جي ح??اظ?? ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي ذميواري ڀرپور طريقي سان ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجي ڀائر پاڙيسري ملڪ سان ڀرپور تعاون ڪندو. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ 107 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ريڪٽر نيشنل اسڪول آف پب??ڪ پاليسي عظمت علي رانجها ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ اسد حياءَ الدين کانسواءِ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.