اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي برونائي دارالسلام، بوسنيا هروز گونيا ۽ ڪينيا سان اقتصادي لاڳاپن ۽ اعليٰ سطح تي اداره جاتي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو برونائي دارالسلام لاءِ پاڪستان جي ن??مزد هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) عبدالعزيز طارق، بوسنيا هروز گونيا لاءِ نامزد هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) محمد خالد رائو ۽ ڪينيا لاءِ پاڪستان جي ن??مزد سفير ثقلين سيده سان ڳالهائي رهيو هو.