پشاور – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي صحت ۽ صفائي جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪرونا جو پکڙجڻ افسوسناڪ صورتحال آهي، هيستائين 51 ملڪ ڪرونا و??ئر?? جو شڪار ٿي چڪا آهن، پاڪستان ۾ به ان جي پکڙج?? جو خدشو آهي پر اسان کي خوفزده هجڻ بدران حفاظتي تدبيرن اختيار ڪرڻ گهرجن، هٿ ڌوئڻ وقت صاب?? جو استعمال يقيني بڻ??يون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گيسٽرالوجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.