اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ آچر ڏينهن پاڪستان عالمي اڏامن جي لاءِ پنهنجون فضائي حدون جزوي طور کولي ڇڏيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته اهو فيصلو خاص طور تي ان??ن سمنڊ پار پاڪستانين جي مدد لاءِ ڪيو ويو آهي جيڪي هن وبا دوران تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن پر انهن وڏي جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي جنهن تي اسان کي فخر آهي. وزيراعظم ٻاهر??ين ملڪ پاڪستانين کي وطن واپسي ??ي ڀليڪار چيو. هن چيو ته اسان جي حڪومت انهن کي هر قسم جي سهولت ڏيندي.