اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ??ميٽي (اي سي سي) نجي شعبي ۾ پن بجلي منصوبن لاءِ 2002ع جي بجلي جي پيداواري منصوبن جي پاليسي تحت عملدرآمد جي معاهدن، حڪومت پاڪستان جي گارنٽي، بجلي ج?? خريداري جي معاهدي ۽ پاڻي جي استعمال جي معاهدي جهڙن نظرثاني ٿيل اسٽينڊرڊ سيڪيورٽي پيڪيج دستاويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالح??يظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اي سي سي ڌاڳي، سينٽيري ويئر، ايل اي ڊي/ٽي ويز، پيڊ لاڪ، ڪمبل، اليڪٽروڊز سميت اسمگل ٿيندڙ شين تي ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ يا ان ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو