اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? آهي ته ڀارت فو??ي گهيراءُ ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هن چي?? ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فو??ي گهيراءُ ۽ غيرقانوني قدم سان ڀارت جي حڪومت خاص طور تي مودي سرڪار جي استحصالي ۽ توسيع پسن??اڻ?? ارادا دنيا ۾ بي نقاب ٿي ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ٿيندڙ پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چي?? ته ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير جي مسئلي تي متفق آهن ۽ سڀني ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چي?? ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي جي غيرقانوني قدم جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چي?? ته ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم ڀارت جي انتهاپسند حڪومت جي اصل ايجنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چي?? ته مودي سرڪار جي توسيع پسنداڻي ۽ نف??ت تي ٻڌل قدمن پوري خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.