اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته و??يراعظم عمر??ن خان جمعي ڏينهن ڪراچي جي دوري دوران شهر جي مسئلن جي حل لاءِ جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندو، وزيراعظم عمر??ن خان برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ احساس پروگرامن جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، نواز شريف کي قانون جي سامهون پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، پاڪستان دشمن سي پيڪ جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، اهو ملڪي ترقي جو منصوبو آهي، اسا?? ثابت قدمي سان ان تي ڌٻو نه اچن ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمر??ن خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ مي??يا کي بر??فنگ ڏيندي ڪيو، اطلاعات واري وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمر??ن خان سميت حڪومت جون سموريون همدرديون ڪراچي جي عوام سان گڏ آهن، ڪراچي جا ماڻهو جهڙي صورتحال مان گذري رهيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهي، وزيراعظم عمر??ن خان چاهي ٿو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿين، وزيراعظم عمر??ن خان جمعي ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم پنهنجي دوري دوران سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪراچي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندا.