اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آهي، موجوده پارليامينٽ ۾ تحقيقي م??صدن لاءِ ??سٽ??نڊنگ ڪميٽين ۾ محققين ۽ تعليم جي ماهرن کي دعوت ڏني ويندي آهي ۽ انهن جي راءِ کي قانونسازي ?? پاليسي سازي ?? شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي م??سمياتي تبديلي بابت ??سٽ??نڊنگ ڪميٽي جي اهتمام هيٺ ”ماحول کي محفوظ بڻائڻ لا??ِ حصيداري“ جي م??ضوع تي م??عقد ٿيندڙ مڪالمي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو، مڪالمي ۾ اسڪالرز، محققين تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسان کي پنهنجي ذات ۽ ذاتي م??ادن کان مٿانهون ڪري سوچڻو پوندو، هن چيو ته هن وقت ملڪ کي ماحولياتي تبديلين سميت ڪيترائي چئلينج درپيش آهن جنهن کي م??هن ڏيڻ لاءِ اسان کي هڪ قوم بڻجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.