اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم پاڪستان جي مناسبت سان شاندار پريڊ جي انعقاد تي ٽنهي هٿياربند فوج جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان هڪ قوم آ??يون، اتحاد ۽ اتفاق سان اڳتي وڌندي قومي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آ??يون. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پريڊ ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ دوست ملڪن جي فوجن جي دستن اعليٰ پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، ??زيراعظم چيو ته چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ثقافت کي گ??دستو بڻائي پيش ڪيو ويو. پريڊ ۾ اسان جي هٿياربند فوجن نيوي ?? فضائيه جي شاندار ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻي مهارت جي جهلڪ پوري دنيا ڏٺي.