اسلام آباد – 16 اپريل (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏ?? آهي، صدر آئين جي آرٽيڪل 228 تحت مقرريون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪائونسل جي 12 خالي سيٽن تي مقرري جي منظوري ڏني، ڊاڪٽر قبله اياز کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر عمير محمود صديقي، پير ابوالحسن محمد شاهه آف ڀيڙا ش??يف، محمد حسن حسيب الرحمان ۽ دارالعلوم حقانيا، اڪوڙه خٽڪ جي مولانا حميد الحق حقاني، علامه محمد حسين اڪبر، سيد ضياءُ الله شاهه بخاري، پيرزاده جنيد امين، حافظ محمد ??اه?? محمود اشرفي، مفتي محمد زبير، سيد محمد حبيب عرفاني ۽ مولانا نسيم علي شاهه کي ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئ?? آهي