اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب سان متحده عرب امارات (يو اي اي) جي سفير عماد عبيد ا??راهيم الزابي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون، سياحت، واپار ۽ ماحولياتي تبديلين سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته گرين ڊپلوميسي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ نيون راهون فراهم ڪندي آهي، هن چيو ته متحده عرب امارات ۽ پاڪستان گڏيل اعتماد تي ٻڌل خوشگوار لاڳاپن مان مستفيد ٿي رهيا آهن، متحده عرب امارات پاڪستانين جي لاءِ ٻي گهر وانگر آهي، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جا وسيع امڪان موجود آهن جن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. ممل??تي وزير ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽ جي صنعت ۾ ڪاروباري صلاحيتن جي فروغ لاءِ يو اي اي جي سفير الزابي جي فيصل آباد جي دوري کي ساراهيو، ممل??تي وزير فرخ حبيب يو اي اي جي سفير کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جون زرعي مصنوعات سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، پاڪستاني واپارين جي ذريعي انهن شين کي وچ اوڀر جي مارڪيٽن تائين پهچ مل?? سان ترقي جا نوان موقعا ميسر ايندا، ڌرين ٻنهي مل??ن جي سرڪاري نيوز ايجنسين جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ان سان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ آزاداڻي معلومات جي فراهمي ۽ هڪٻئي جي ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.