اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) ??وم?? اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي قيادت هيٺ فلسطين جي حق ۾ 17 مئي تي ايوان مان منظور ٿ??ل قرارداد جي ڪا??ي گڏيل ??وم?? جي آفيس ۾ جمع ڪرائي، ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جو پارلياماني اڳواڻ مولانا اسد الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سڄي مخالف ڌر پارٽين جا ڪيترائي ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، مي??ن شهباز شريف قرارداد جي نقل گڏيل ??وم?? جي نمائندي جي حوالي ڪئي ۽ چيو ته اها قرارداد سڄي پاڪستاني قوم جي جذبن جي ترجماني آهي، گڏيل ??وم?? جي نمائندي يقين ڏياريو ته سندن جذبا ۽ قرارداد جي مسودي کي گڏيل ??وم?? جي مرڪزي آفيس تائين پهچايو ويندو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطين تي اسرائيل پاران ظلم ڪيو ويو ۽ بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطينن جو وڏو تعداد شهيد ٿيو، هن چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، تاريخ اهڙا غمگين منظر پهرين ڪڏهن نه ڏٺا، پارليامينٽ متفقه قرارداد منظور ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.