اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوٽيس وٺڻ تي ٻاهرئين ملڪ شهري کي 8 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي جنهن جو وزيراعظم نوٽيس ورتو، جاچ کانپوءِ وزيراعظم جي حڪم تي اسلام آباد لينڊ روينيو جي آ??يسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ڪوآپريٽو سوسائٽيز اسلام آباد جي ڊپٽي ??جس??رار کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو ويو. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جا??ي بيان موجب ٻاهرئين ملڪ شهري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪندي اسلام آباد سرڪل ??جس??رار آفيس جي خلاف انڪوائري ڪئي وئي ۽ ڊپٽي ??جس??رار ڪوآپريٽو کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ کانسواءِ چيف ڪمشنر گهرو وزارت مان سرڪل ??جس??رار کي معطل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي، ان کانسواءِ انسپيڪٽر ڪوآپريٽو سوسائٽيز کي پڻ عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف لاڳايل هائوسنگ سوسائٽي کي شوڪاز نوٽيس جا??ي ڪري بئنڪ اڪائونٽس پڻ منجمند ڪيا ويا، سرڪل ??جس??رار آفيس جي لاڳاپيل ڪلرڪ کي پڻ نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پلاٽ منتقلي بابت وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي، سرڪل ??جس??رار آفيس شهري جي شڪايت تي ان جي دادرسي ڪئي جنهن تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ جي هدايت تي چيف ڪمشنر شڪايتن تي انڪوائري ڪئي، چيف ڪمشنر آفيس لاڳاپيل آفيسرن جي معطلي ۽ برطرفي جا نوٽيفڪيشن جا??ي ڪري ڇڏيا.