اسلام آبا?? – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيش?? جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري مهم ۽ ڪووڊ – 19 سبب پيدا ٿيندڙ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستا?? جي قدمن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ??ڄي دنيا ۾ ڪمزور ماڻه?? جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خاص طور تي صحت جي خدمتن تائين عالمگير په?? جي فروغ ۽ وچڙندڙ بيماري?? جي روڪٿام لاءِ بل اينڊ ملنڊا گيٽ فائونڊيش?? جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خاص طور تي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فائونڊيش?? جي حصيداري تي ٿوري جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اهم قومي ترجيح آهي ۽ ڪورونا وبا جي چئلينج جي باوجود ??ڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مهيني 7 کان 11 جون تائين ??ڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جو هن ذڪر ڪيو جنهن دوران پنج سالن کان گهٽ عمر جي 33 ملين ٻارن کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پياري وي??، وي??اعظم ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڀرپور اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورن حصيدار?? جي تعاون سان پوليو جو خاتمو جلد ڪيو ويندو. بل گيٽس ان قومي مقصد لاءِ وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.