اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جو عمل جاري آهي، قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن جي تعداد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي بااختيار ۽ باعزت روزگار جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، سڄ?? ملڪ ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي قرض ورهائڻ جو عمل تيز ڪيو ويو آهي. مملڪتي ??زير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته نوجوانن ۾ 22 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي آهي، نجي بئنڪن کي قرض جي ورهاست ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، حڪومتي سطح تي ??نصوبي جي شفافيت ۽ ميرٽ جي مڪمل نگراني ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جو س?? کان وڏو حڪومتي ??نصوبو بڻجي چڪو آهي، پاڪستاني جاب مارڪيٽ ۾ ڪامياب نوجوان جو اضافو خوش آئنده آهي. نوجوانن کي وسيلن جي هڪجهڙي فراهمي لاءِ حڪومت جي پاليسي واضح آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل تائين نوجوانن جي حڪومتي ??دد هر سطح تي جاري رکنداسين، هن چيو ته پروگرام ۾ غير جانبداري، ميرٽ ۽ شفافيت تي ڪامياب جوان پروگرام جو س??براهه عثمان ڊار مبارڪباد جو مستحق آهي.