اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري رهي آهي، سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي آساني لاءِ ون ونڊو سروسز پو??ٽل قائم ڪرڻ ۾ عملي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ون ونڊو سروسز قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيڙپڪاري بورڊ تحت ون ونڊو سروسز پو??ٽل قائم ڪرڻ سيڙپڪارن کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي لا??ِ عمل ۾ آندو پيو وڃي. پو??ٽل نه رڳو انتظامي ۽ قانوني منظوريون حاصل ڪرڻ پر صنعتن کي سهولتن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪندو. ان جي لاءِ لاڳاپيل کاتن کي ٻ?? مرحلن ۾ پو??ٽل ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، پو??ٽل ۾ ڪاغذي ڪارروائي ۽ ڊيجيٽل منظوريون شامل آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پو??ٽل ۾ نه رڳو وفاقي کاتا پر صوبائي کاتا به شامل ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي، سيڙپڪارن جي لاءِ هر ممڪن آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پو????ل جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ۽ ٺوس ڪوآرڊينيشن کي يقيني بڻايو وڃي، پو??ٽل کي مقرر مدي اندر قائم ڪرڻ ۽ فعال بڻائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.