اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ نئين صورتحال کي نئين تناظر سان ڏسندي ۽ هڪ حقيقت پسنداڻي ۽ زميني حقيقتن مطابق سوچ اختيار ڪندي اڳيان وڌڻ گهرجي، اسان کي افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. افغانستان جو استحڪام پاڙيسري ملڪن جي سڌي ريت مفاد ۾ آهي، عالمي برادري ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي، سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان افغان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اعتماد ملندو. اهڙو اظهار هن افغانستان جي صورتحال تي پرڏيهي و??ارت ۾ علائقائي پرڏيهي و??يرن جي و??چوئل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان ڪئي. جڏهن ته ورچوئل ڪانفرنس ۾ چين، ازبڪستان، ترڪمانستان، تاجڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي و??يرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي و??ير چيو ته گذريل ڪجهه ??فت?? ۾ ٿيل واقعن اسان جي خطي کي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، غير مت??قع ۽ اوچتو ٿيل انهن واقعن سان اهميت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڏهاڪن کان جاري خونريزي ناهي و??جائي و??ي. ڊگهو تڪرار ۽ گهرو ويڙهه جو امڪان في الحال ٽري ويو آهي، پر ان باوجود صورتحال پيچيده ۽ غير مستحڪم آهي. هڪ ڳالهه يقيني آهي ته اسان سڀ افغانستان ۾ تبديل شده حقيقت کي ڏسڻ ۾ مصروف آهيون. پرڏيهي و??ير چيو ته طالبان عبوري حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسان ان اڳڀرائيءَ کي ڏسي رهيا آهيون، اسان کي اميد آهي ته سياسي صورتحال جلد کان جلد مستحڪم ٿيندي ۽ حالتون بهتريءَ طرف وينديون. هن چيو ته اسان جي ڪوششن جو بنيادي محور افغان عوام جي ڀلائي ۽ بهتري هئڻ گهرجي جيڪا قوم 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تڪرار هيٺ آهي ۽ عدم استحڪام سبب بي پناهه ڏُکيائين کي مُنهن ڏنو آهي. افغانستان ۾ ٿيل واقعا سمورن ڇهن پاڙيسري ملڪن لاءِ واضح خراب تناظر ۾ آهن، اسان ويجهن رابطن ۽ ڀائيچاري تي اتفاق ڪيو هو. هن چيو ته هاڻي تائين ٿيل مشاورت سان هيٺان معاملا سامهون آيا آهن جن تي بدلجندڙ صورتحال ۾ گڏيل سوچ برقرار آهي، جهڙوڪ سرحدن جي سلامتي جي صورتحال، افغان ڌرتيءَ کي دهشتگرد تنظيمن هٿان استعمال ٿيڻ کان بچائڻ، پناهگيرن جي نئين لهر جي ايندڙ امڪان، منشيات ۽ ڊگهي مُدي و??رن ڏوهن جي روڪٿام، انتهاپسند عنصرن کي روڪڻ، ڪورونا وبا بابت ڏُکيائين جا مسئلا، خطي کي ڳنڍڻ ۾ درپيش رڪاوٽون شامل آهن. هن چيو ته اسان به ان ڳالهه تي اتفاق ڪريون ٿا ته افغانستان ۾ امن قائم ٿي وڃي ته ان جا تمام گهڻا فائدا آهن جنهن سان خطي جون سرحدون محفوظ ٿينديون ۽ افغانستان ڌرتيءَ تان دهشتگرديءَ جو خطرو ٽري ويندو، افغان پناهگيرن جي و??ن واپسيءَ جا امڪان روشن ٿي ويندا، معاشي استحڪام ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري ايندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پُرامن، مستحڪم، خوشحال خطي لاءِ اسان جي گڏيل سوچ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ افغانستان کي ان قابل بڻائڻو پوندو ته اهي ان آزمائش جي گهڙيءَ مان نڪرن ۽ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آڻين. اسان جي سوچ ۾ ڪيترائي اهم نُڪتا ۽ ترجيحون آهن جيڪي ان رُخ ۾ اسان جي ڪوششن ۾ اسان جي رهنمائي ڪن ٿيون. پهريان ته اسان کي افغان عوام سان گڏجي مڪمل اعتماد ڪرڻ لاءِ انهن جي حمايت ڪرڻي پوندي. ٻيو اسان کي هڪ متحد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي سطح تي سلامتيءَ واري افغانستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو. ٽيون اسان کي ان ڳالهه تي زور ڀرڻو پوندو ته افغان مسئلي جو افغانين کي ئي مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. چوٿون اسان کي و??ضح ڪرڻو آهي ته افغان ڌرتيءَ کي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. پنجون اسان کي افغان ڊگهي مُدي و??ري اهميت کي سمجهندي قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڀرڻو پوندو. هن چيو ته هاڻوڪي اڳڀرائيءَ جي تناظر ۾ اهم ترجيحيات اهي شامل آهن ته انساني نوعيت جو بحران جنم نه وٺي جنهن سان افغانين جون ڏُکيائون وڌيڪ وڌي وينديون. پرڏيهي و??ير چيو ته عالمي برادري خاص طور تي ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي. سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان افغان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اُميد ملندي. پرڏيهي و??ير تجويز پيش ڪئي ته پاڙيسري ملڪ ان اهم پليٽ فارم کي مستقل ۽ باضابطه مشاورتي نظام ۾ تبديل ڪن ۽ مستقبل ۾ افغانستان کي ان ۾ گُهرائڻ لاءِ به سوچي سگهجي ٿو. افغانستان جي ان ۾ شموليت سان فورم جو اثرائتو هجڻ ۽ افغانستان ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام جي اسان جي گڏيل مقصدن تي اڳڀرائيءَ کي هٿي ملندي. افغانستان جي استحڪام ۾ پاڙيسري ملڪن جو سڌيءَ ريت مفاد آهي، عالمي برادريءَ لاءِ اسان جو گڏيل آواز پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي پيغام کي طاقت ڏيندو.