اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي پ??اه??يرن جي هاءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن گذريل ڏينهن هتي ساڻس م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ افغانستان مان پرڏيهين جي واپسي ۽ افغان شهرين لاءِ انساني امداد بابت ڳالهيون ڪيون ويون. م??اق??ت ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغان شهرين کي موجوده حالتن ۾ ??ڪي??و نه ڇڏيو وڃي ۽ انساني بنيادن تي افغان شهرين لاءِ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان کي افغانستان ۾ حڪمرانيءَ لاءِ مالي ۽ انساني وسيلا يقيني بڻائڻا پوندا، طالبان جي اثر هيٺ حڪومت افغانستان جي هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جي ترقي ممڪن ناهي، افغانستان ۾ امڪاني انساني ڏُڪار بدامني ۽ ??اق??نونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته انساني همدرديءَ تحت خوراڪ ۽ دوائن جون ٽرڪون ۽ جهاز افغانستان اُماڻيا آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان افغان شهرين جي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکندو. گهرو وزير چيو ته هاڻوڪي تناظر ۾ پاڪستان ۾ نڪو افغان پ??اه??ير آهي نه ئي افغان ڪيمپ. افغانستان مان غير ملڪي ۽ افغان شهرين کي ڪڍڻ لاءِ سهولت ??رڪز 24 ??لا?? ڪم ڪري رهيو آهي. م??اق??ت ۾ پ??اه??يرن بابت هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان طرفان 30 لک افغان پ??اه??يرن جي لڳاتار سارسنڀال ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گڏيل قومون افغان شهرين کي ??ڪي??و نه ڇڏينديون، انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. گڏيل قومن افغانستان لاءِ فنڊ ۽ امداد لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي عملي جي سيڪيورٽي ۽ ويزا سهولت ??راهم ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا شڪرگذار آهيون. گهرو وزير پاڪستان ۾ افغان پ??اه??يرن جي امداد تي گڏيل قومن جي پ??اه??يرن بابت هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا.