اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپارين ۽ صنعتي شعبي جي ملڪ ۾ معاشي ۽ واپاري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ ۾ سهولت جي لاءِ سازگار ماحو?? فراهم ڪرڻ ج?? قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ڀرپور واپاري سفارتڪاري ڪري رهي آهي ۽ ايس ايم ايز جي حوصلا افزائي ۽ مضبوطي لاءِ آزاد واپاري معاهدن ۽ ترجيحي واپاري معاهدن جي ذريعي مقامي واپارين ۽ صنعت جي لاءِ نئين ۽ بهتر مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جهنگ چ??مبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊ??ٽر?? (جي سي ايس ٽي اينڊ ايس آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر لياقت ??لي ملڪ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينئر نائب صدر جهنگ چ??مبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊ??ٽر?? محمد عدنان سرور، نائب صدر عبدالقيوم ۽ چيمبر جي ايگزيڪيٽو ميمبر شامل هئا، جهنگ چ??مبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊ??ٽر?? جي صدر لياقت ??لي ملڪ صدر کي ملازمت جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ چيمبر جي ڪردار کان آگاهه ڪيو ۽ جهنگ جي واپارين لاءِ صنعتي اسٽيٽ جي منظوري تي حڪومت جي واکاڻ ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جو آغاز ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت صنعتي شعبي جي مدد جي لاءِ جامع ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ پاڪستاني واپاري عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. صدر چيو ته حڪومت نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ 100 ارب روپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت مختص ڪيا ويا آهن. هن چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊ??ٽر??ز تي زور ڏنو ته هو واپارين جي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي حوصلا افزائي ۾ پنهنجو ڪردا ادا ڪن ۽ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن ۾ تعاون ڪن. صدر عارف علوي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ جهنگ چ??مبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊ??ٽر?? جي ڪردار کي ساراهيو ۽ وفد کي ان جي مسئلن جي حل ۾ مدد جي خاطري ڪرائي.