اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي ري??ض ۾ پنهنجي سعودي هم منصب شهزاد فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي سطح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري سهيل مح??ود ۽ سفارتخاني جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي ماحوليات جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس جي انعقاد تي سعودي هم منصب کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ماحوليات جي حوالي سان منعقد اها ڪانفرنس خطي ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪانفرنس آهي، شاهه مح??ود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته ان ڪانفرنس جي انعقاد سان خطي جي ملڪن کي ماحولياتي ??بد??لين جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي موقف اختيار ڪرڻ ۾ مد?? ملندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفي لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ??نهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ سال نيويارڪ ۽ اسلام آباد ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي سطح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير سعودي هم منصب کي افعانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحرن جي خطري کان آگاهه ڪندي افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ عالمي برادري پاران ٺوس ۽ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.