اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن جي گهر ويو ۽ سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئ??. وفاقي وزير چيو ته والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي، پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند ۽ پونئيرن کي صبر جميل ع??ا فرمائي.