پشاور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان ۽ وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صوبي ۾ سياسي صورتحال، انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي زراعت، ٽرانسفارميشن پلانٽ تي عملدرآمد، ٻيلن جي تحفظ ??ي منصوبي ۽ صحت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ وزيراعظم کي مهانگائي کي روڪڻ لاءِ انتظامي پاران کنيل قدمن ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف آپريشن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ترقياتي منصوبن ??ي مقرر مدي ۽ عوامي ڀلائي ??ي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.