اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ مالي ڪرپشن جو ڪو ذڪر نه آه??، پاڪستان ۾ رول آف لاء تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??، ستين آدمشماري هن سال ڊسمبر تائين مڪمل ٿي ويندي، آدمشماري جي لاءِ 5 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آه??، ايندڙ چونڊون نئين تڪ بندين تي ٿينديون، اسحاق ڊار جعلي طر??قي سان رپئي جي قدر کي مستحڪم رکيو، اڄ رپيو اسٽيٽ بئنڪ جي بهتر پاليسين ۽ پنه??جي اصل قدر تي مستحڪم آه??، ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ ڪا گهٽتائي نه آه??، اوورسيز پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 11.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، هيستائين 15.8 بلين ڊالر جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان آيو، ساڍي 3 هزار ارب رپيا اوورسيز پاڪستاني موڪلي چڪا آه??، ڪابينا ڪريمنل لا ترميم جي منظوري ڏني آه?? جنهن تحت هر فوجداري ڪيس جو فيصلو 9 مهينن ۾ ڪرڻ لازمي هوندو، 9 مهينن ۾ فيصلو نه ڪرڻ تي مئجسٽريٽ يا جج التوا جي سبب کان آگاهه ڪندو، پوليس کي ضمانت جو اختيار ڏنو پيو وڃي، ڪريمنل ڪيسن ۾ پلي بارگين کي شامل ڪري رهيا آه??ون، ايس ايڇ او جي تعليمي قابليت گهٽ ۾ گهٽ بي اي لازمي هوندي، پراسيڪيوشن جي دائري اختيار کي پڻ وڌايو پيو وڃي، وفاقي ڪابينا کي اوميڪرون جي موجوده لهر جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، اوميڪرون جي ڪيسز ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو جڏهن ته هاسپٽلائيزيشن ريٽ گهٽ آه??، اسان جي هيلٿ سسٽم تي ڪو دٻاءُ نه آه??، وبا جي دوران سمورو ڪاروبار کليل رکيو ويندو، سموريون سرگرميون جاري رهنديون. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪابينا کي ملڪ ۾ اوميڪرون جي ڦهلاءُ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. موجوده ڪيسز جي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو آه?? جڏهن ته هاسپٽلائيزيشن جي شرح گهٽ آه??. هن چيو ته ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ويڪسي نيشن ضروري آه??، جن ماڻهن ويڪسي نيشن ڪرائي آه??، اهي نئين لهر کان متاثر نه ٿيندا. هن چيو ته ڪابينا ان عزم کي ورجايو ته حڪومت اهڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪندي جنهن سان ڪاروباري ۽ معاشي سرگرمين کي نقصان پهچي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان فيصلو ڪيو آه?? ته موجوده وبا دوران ڪاروبار بند نه ڪيو ويندو جڏهن ته سموريون سرگرميون جاري رهنديون. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي حوالي سان جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي اها ڪامياب رهي، دنيا جا ٻيا ترقي يافته ملڪ سمارٽ لاڪ ڊائون طرف اچي رهيا آه??، برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن پڻ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن چيو ته جڏهن ڪورونا وبا عروج تي هئي تهو زيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي مزدورن جو سوچڻو پوندو، انهن کي نه وساريو، عالمي رسالي اڪانومسٽ به اسان جي سمارٽ لاڪ ڊائون حڪمت عملي کي ساراهيو. هن چيو ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڪاميابين جو سهرو وزيراعظم عمران خان ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي مدد سان ڪورونا جي موجوده لهر کي به شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هن ٻڌايو ته ڪابينا ٻاهرئين ملڪ ويندڙ پاڪستاني مزدورن جي سهولت لاءِ ڪورونا ٽيسٽ جي فيس گهٽ ڪرڻ جي تجويز اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني آه??. اطلاعات واري وفاقي وير ٻڌايو ته ستين آدمشماري جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آه??، آدمشماري هن سال ڊسمبر ۾ مڪمل ٿيندي ان کانپوءِ جنوري ۾ اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪري سگهندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايندڙ چونڊون نئين تڪبندين تي ٿينديون. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪابينا ڪريمنل لا ترميم جي منظوري ڏني آه?? جنهن تحت هر فوجداري ڪيس جو فيصلو 9 مهينن ۾ ڪرڻ لازمي هوندو، 9 مهينن ۾ فيصلو نه ڪرڻ تي مئجسٽريٽ يا جج کان دير جي سبب کان آگاهه ڪندو. هن چيو ته جيڪڏهن لاڳاپيل جج مناسب سبب بيان نه ڪري سگهيو ته ڪارروائي ٿيندي. هن ٻڌايو ته پوليس کي ضمانت جو اختيار به ڏنو پيو وڃي، ڪريمنل ڪيسن ۾ پلي بارگين کي به شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن مالي ڪيسن جو بار عدليه تي گهٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته ايس ايڇ او جي تعليمي قابليت گهٽ ۾ گهٽ بي اي لازمي هوندي، پراسيڪيوشن جي دائري اختيار کي به وڌايو پيو وڃي. خودمختيار پراسيڪيوشن سروس قائم ڪئي پئي وڃي. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته رپورٽ ۾ پاڪستان جو اسڪور مالي ڪرپشن جي ڪري نه پر رول آف لاء جي ڪري هيٺ ڪريو، اسان کي ملڪ ۾ رول آف لاء تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي مڪمل رپورٽ اڃا شايع ناهي ٿي، ان ۾ فنانشل ڪرپشن جو ذڪر نه آه??. هن چيو ته مختلف ادارن ۽ اين جي اوز جي رپورٽس جي بنياد تي اها رپورٽ ٺاهي وئي آه??، سمورن ادارن پاڪستان جي رينڪنگ کي برقرار رکيو، رڳو اڪانومسٽ انٽيلي جنس ڪنٽري يونٽ درجابندي ڪيرائي آه??، چيڪ ڪري وٺو ان جو پاڪستان ۾ سربراهه ڪير آه??، ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته ڇو ڪيرايو ويو آه??. هن چيو ته امير جي لاءِ جدا قانون ۽ غريب جي لاءِ جدا قانون آه??، ان کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته رول آف لاء ۽ اسٽيٽ ڪيپچر جهڙن معاملن ۾ سمورن ادارن کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته ڪريمنل جسٽس ريفارمز سان رول آف لاء ۾ بهتري ايندي، هائي پروفائيل ۽ اهم ڪيسن جي ٻڌڻي سڌوسنئون ڏيکارڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن کي خبر پئجي سگهي ته اهي ڪيس ڪهڙا آه??. هن چيو ته آصف زرداري جو اومني ڪيس، شهباز شريف جو ڪيس، عثمان مرزا، نور مقدم ڪيس جو ٽرائل سڌوسنئون نشر ڪيو وڃي، عوامي دلچسپي جي ڪيسن جو فوري فيصلو ٿيڻ گهرجي، قانون جي بالادستي ۾ عدليه جو تمام اهم ڪردار آه??. هن چيو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي مڪمل رپورٽ سامهون آئي ته ان تي اسان مڪمل جواب به ڏينداسين. هن وقت تائين رول آف لاء ۽ اسٽيٽ ڪيپچر جو معاملو آه??، ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته منصوبابندي واري وزارت ڪابينا کي معاشي اشارين جي حوالي سان تقابلي جائزو پيش ڪيو. اسان جي روانگي واپار ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن ۾ سڀ کان وڏو حصو ٽيڪسٽائيل جو آه?? جنهن جي روانگي واپار ۾ 88 سيڪڙو اضافو ٿيو آه??. هن چيو ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 11.3 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو 15.8 ارب ڊالر رهيو. 1.4 ارب ڊالر جي ڪوويڊ ويڪسين خريد ڪئي وئي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 48 سيڪڙو، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 17.1 سيڪڙو (24 ارب ڊالر)، اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 31.8 سيڪڙو (17.7 ارب ڊالر) اوڳاڙين جي وصولي جي شرح ۾ 32.5 سيڪڙو (2920 ارب رپيا) اضافو ٿيو. هن چيو ته پي ايس ڊي پي خرچن ۾ 18.1 سيڪڙو (274 ارب رپيا) اضافو ٿيو. فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ۾ 20 سيڪڙو، ??جي ڪاروبارن کي قرضن جي فراهمي ۾ 267 سيڪڙو اضافو ٿيو، ??جي ڪاروبارن جي لاءِ 904 بلين رپين جا قرض جاري ڪيا ويا. هن چيو ته فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، چانور جي 4.8 سيڪڙو، ڪپهه 19 سيڪڙو، ڪمند جي فصل ۾ 8.7 سيڪڙو ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ هڪ سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته گيهه جي درآمدي قيمت ۾ اضافو ٿيو آه??، جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته ان وقت پام آئل جي قيمت 500 ڊالر جي ويجهو هئي جيڪا هاڻي 1200 ڊالر کان وڌيڪ آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مشينري جي درآمدات مثبت اڳڀرائي آه??، ان مان خبر پئجي رهي آه?? ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آه??. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين ساڍا 3 هزار ارب رپيا پاڪستان موڪليا آه??. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسحاق ڊار جعلي طر??قي سان ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان ان جي ابتڙ اسٽيٽ بئنڪ جي بهتر پاليسين جي ڪري رپئي کي ان جي اصل قدر تي مستحڪم رکيو آه??. هن چيو ته تمباڪو پوکيءَ ڪندڙ آبادگارن جي لاءِ تمباڪو جي فصل جي قيمت 245 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آه??. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي حڪمن جي ڏس ۾ ڪابينا اسلام آباد ۾ بجلي ۽ گئس جا نوان ميٽرز هڻڻ ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪميٽي جون سفارشون منظور ڪيون. هن ٻڌايو ته ڪابينا صحت واري وفاقي وزارت جي سفارش تي عاصم رئوف کي بطور سي اي او ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آه??. هن چيو ته ڪابينا اسٽيٽ اينڊ فرنٽيئر ريجنز واري وزارت سان لاڳاپيل رولز آف بزنس ۾ ترميم ڪرڻ جي منظوري ڏني. اها ترميم اڳوڻي قبائلي علائقن جي انضمام جي ڏس ۾ ڪئي وئي آه??. هن چيو ته ڪابينا قومي بين المذاهب هم آه??گي پاليسي جي مسودي جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي آه??، پاليسي تي ٻين وزارتن کان راءِ ورتي ويندي. هن چيو ته ڪابينا پاڻي وسيلن واري وزارت جي سفارش تي محمد يوسف کي ديامير ڀاشا ڊيم ڪميٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي اضافي چارج ٽن مهينن لاءِ ڏيڻ جي منظوري ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 21 ۽ 24 جنوري 2022ع تي ٿيندڙ اجلاسن م ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي آه??. انهن فيصلن ۾ ستين آدمشماري جي لاءِ 5 ارب رپين جي منظوري، افغانستان ۾ هنگامي صورتحال جي ڏس ۾ برآمدات جي سيمپلز ڪوٽا ۾ اضافي، چونڊ شين جي پاڪستان مان افغانستان برآمد تي پاڪستاني ڪرنسي ۾ ادائيگي ڪرڻ جي منظوري، اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ افغانستان مان چلغوزي جي درآمد تي 45 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي جو خاتمو، ڪامياب پاڪستان پروگرام جي مانيٽرنگ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي سروس جي منظوري، داسو وٽ بلاڪ چيني انجنيئرز جي لاءِ 11.6 ملين ڊالر معاوضي جي منظوري، فائيو جي لائيسنس جاري ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ايدوائيزري ڪميٽي قائم ڪرڻ شامل هو. ڪابينا ڪميٽي ۾ آءِ ٽي ماهر شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ڪابينا قانون بابت ڪميٽي جي 19 جنوري 2022ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڏني. انهن فيصلن ۾ ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم، فيڊرل گورنمينٽ پراپرٽيز مئنيجمينٽ اٿارٽي رولز 2021ع، نيشنل ڪميشن آن رائيٽس آف چائلڊز ۾ ڀرتي جي قانونن، پرائس ڪنٽرول اينڊ پروينشن آف پرافٽيئرنگ اينڊ بورڊنگ ايڪٽ 1977ع ۾ ترميم، سينيٽ چونڊن ۾ ڪرپٽ پريڪٽسز جي خاتمي لاءِ اليڪشن (ٻي ترميم) بل 2021ع، پاڪستان بيورو آف شماريات جي گورننگ ڪائونسل جي جوڙجڪ ۾ ترميم، حج ۽ عمري (ريگيوليشنز) ايڪٽ 2021ع مسودي ۽ ڪريمنل لاء ريفارمز جي منظوري شامل آه??. هن چيو ته ڪابينا فيصل شير جان کي بطور ايگزيڪيوٽو ميمبر پيمرا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آه??. ان کانسواءِ ڪابينا کي سرڪاري معاملن ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ وفاقي ڊويزنن کي بونس ڏيڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، 80 سيڪڙو هدف حاصل ڪندڙ ڊويزنون بونس لاءِ اهل هونديون. 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪرڻ تي ڊويزن کي چار بونس ڏنا ويندا، پهرين مرحلي ۾ بونس اسڪيم وفاقي وزارتن جي سول سرونٽس جي لاءِ هوندي جنهن کانپوءِ ذيلي ادارن ۽ ڪانٽريڪٽ ملازم به بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي بونس جي لاءِ اهل هوندا. هڪ سوال تي هن چيو ته شهزاد اڪبر تمام گهڻي محنت ۽ همت سان معاملا کي منهن ڏنو، هو مضبوط ماڻهو آه??، ان جو متبادل جيڪو به ايندو ان جي لاءِ چئلينجز موجود هوندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چوڌري شجاعت هسين بزرگ سياستدان آه??، هو سدائين وڏي فهم واري ڳالهه ڪندو آه??، اسان سندس راءِ جو احترام ڪريون ٿا، سندس ڳالهه کي ڌيان سان ٻڌون ٿا، (ق) ليگ جا دوست به اسان جا ايڊوائيزر آه??. پي ڊي ايم سربراهه اجلاس جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته “تير چلي گا نه تلوار ان سي، يه بازو ميري آزمائي هوئي هين”.