راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوشڪي بلوچ??تا?? جو دورو ڪيو، بلوچ??تا?? جو گورنر ۽ وڏو وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم کي علائقي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي بر??فنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ان موقعي تي وزيراعظم فوجي دست?? سان ڳالهين ۾ پاڪ??تا?? جي لاءِ لازوال قربانيون تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪ??و. وزيراعظم فوجين جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي ۽ آپريشنل تيارين ۽ بهادري کي ساراهيو جنه?? سان هنن دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچ??تا?? جي ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪ??دڙ دهشتگردن جي باقيات جي خاتمي لاءِ هٿياربند فوج جي حمايت جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ جامع قومي ڪوشش، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون ۽ هيٿاربند فوج جي مدد سان اسان بلوچ??تا?? جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻينداسين. ان کانپوءِ وزيراعظم علائقي جي چڱن مڙس?? سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ انهن جي اڻٽر حمايت ۽ بلوچ??تا?? ۾ خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ڪيل حڪومتي قدمن ۾ انهن جي تعاون کي ساراهيو. هن جرڳي جي ميمبرن کي بلوچ??تا?? ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ مخلصاڻو تعاون جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. وزيراعظم زور ڏنو ته بلوچ??تا?? جي ترقي اسان جي ترجيح ۽ پاڪ??تا?? جي مستقبل لاءِ انتهائي اهم آهي.