اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت ت?? اڄ اربع کان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ۽ اعليٰ سطحي وفد پڻ دوري ۾ وزير??عظ?? سان گڏ هوندا. وزير??عظ?? عمران خان ۽ روس جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. وزير??عظ?? عمران خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزير??عظ?? عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزير??عظ??، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزير??عظ?? عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزير??عظ?? جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزير??عظ?? عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزير??عظ?? آهي.