اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان نائجيريا جي دفاع واري وزير ميجر جنرل (ر) بشير ??الحي مگاشي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ وڌندڙ دفاعي تعاون اطمينان جوڳو آهي. گذريل سال پاڪستاني جي ايف ٿنڊر جنگي هوائي جهازن جي نائجيريا منتقلي انتهائي سٺو سنئوڻ آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته ن??ئجيرين فوجين کي پاڪستان ۾ دهشت??رد?? جي روڪٿام جي تربيت جي فراهمي اسان جي دفاعي لاڳاپن جي استحڪام جي مظهر آهي، پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ دهشت??رد?? جي خاتمي ۽ بارڊر مينيجمينٽ ۽ سرويلنس جي حوالي سان مفاهمت نامي تي جلد صحيحن جي ضرورت ت زور ڏنو ۽ چيو ته اسان ٻطرفي سياسي مشاورت، سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ هولڊرز جي لاءِ ويزا جي خاتمي جي حوالي سان ا??تو?? ۾ پيل مفاهمت نامن کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، پرڏيهي وزير چيو ته اسان نائجيريا جي صدر محمد بوهاري کي پاڪستان ۾ جلد خوش آمديد چوڻ جا منتظر آهيون.