اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان جي اصل روح جي جنگ وڙهڻ جي لاءِ عوام حاضري جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم عمران خان چيو ته 27 مارچ تي ڊي چوڪ ?? عوام جي حاضري جا سمورا رڪارڊ ٽوڙڻ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستان جي اصل روح جي جنگ ?? عوام جي ڀرپور شرڪت هجي. هن چيو ته جيڪو حق آهي اسان ان سان گڏ بيٺل آهيون ۽ سياسي مافياز پاران پنهنجي ڦريل دولت کي بچائڻ جي لاءِ سياستدانن جا ضمير خريد ڪرڻ وارن بي شرمي جي قدمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. وز??راعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ 27 مارچ تي ڊي چوڪ ۾ امر بالمعروف جي موضوع تي ??يندڙ جلسي جو لوگو پڻ شيئر ڪيو.