اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خلاف بي ??عت??ادي رٿ آئين جي خلاف قرار ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 5 اي جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ رولنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي ??عت??ادي جي رٿ آئين ۽ قانون موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي ??عت??ادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ جي خلاف آهي ان لاءِ ان رٿ کي رد ڪريان ٿو. ان کان اڳ اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 95 تحت بي ??عت??ادي جي رٿ جمهوري حق آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ ۾ رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري مقرر ڪئي وئي آهي. 7 مارچ تي اس??ن جي سفير کي سرڪاري ملاقات جي لاءِ طلب ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ملاقات ۾ اس??ن جي سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته وزيراعظم جي خلاف بي ??عت??ادي رٿ اچڻي آهي. ان ??قت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ان جي خبر نه هئي ته بي ??عت??ادي رٿ اچي رهي آهي. ان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو دارومدار ان بي ??عت??ادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي. جيڪڏهن اها رٿ ڪامياب نه ٿي ٿئي ته اڳيون قدم سخت هوندو. وزير چيو ته ان جي فوري پوءِ بي ??عت??ادي جي رٿ آندي وئي ۽ اس??ن جي اتحادين ۽ اس??ن جي 22 ايم اين ايز جا ضمير به اوچتو جاڳي وڃن ٿا. هن چيو ته ڇا 22 ڪروڙ ج?? رياست ايتري ڪمزور آهي جو ڪو ملڪ اهڙي طرح اس??ن جي ملڪ ۾ مداخلت ڪري، ڇا اها آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي نه آهي؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪا ڪٺ پتلي، غلام يا ڀڪاري آهي؟ جيڪڏهن اس??ن غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ان تي ڊپٽي کان رولنگ گهرجي جنهن ان تي رولنگ ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ تحت رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته بي ??عت??ادي جي ان رٿ جي پٺيان غيرملڪي سازش آهي، ان لاءِ هو رولنگ ڏي ٿو ته هو بي ??عت??ادي جي ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ان سان گڏ ئي هن قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل م??ي تائين ملتوي ڪرڻ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو.