اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ۾ توسيع ڪندي وڌيڪ 4 وزير ??ام?? ڪيا ويا آهن جن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کنيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سول ?? فوجي عملدارن، حڪومت ۾ ??ام?? اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا ۾ جن نون وزيرن کي ??ام?? ڪيو ويو آهي انهن ۾ ميان جاويد لطيف، آغا حسن بلوچ ۽ چوڌري سالڪ حسين کي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته محمد هاشم نوتيزئي کي مملڪتي وزير جي حيثيت سان ڪابينا ۾ ??ام?? ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ 19 اپر??ل ??ي پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن کي ??ام?? ڪيو ويو هو. ڪابينا ۾ اڳ ۾ ئي 3 صلاحڪارن کي به ??ام?? ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ ??ام?? پارٽين ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي سربراهن سان ڪابينا جي جوڙجڪ جي لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپر??ل ??ي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي م??مد شهباز شريف کي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊيو هو.