اسلام ??باد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريليا جي نئين چونڊيل هم منصب انٿوني البانيز (ايلبو) کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آسٽريلوي ليبر اڳواڻ جي ڪاميابي عوام ??رفان سندس قيادت تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته آئون پاڪ آسٽريليا دوستي کي وڌ??ڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.