اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته صحافين کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي هيَت تبديل ٿي چڪي آهي، ان ۾ موبائيل ج??نلز اهميت اختيار ڪري وئي آهي، موبائيل ج??نلزم خبر جي نشر ۽ اشاعت کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ موبائيل ج??نلزم جي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ادارن پي ٽي وي، اي پي پي ۽ ريديو پاڪستان جي رپورٽرز کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 2018ع ۾ اسان انفارميشن سروس اڪيڊمي جو پورو نصاب ??وڙ?? ڇڏيو هو. انفارميشن سروس اڪيڊمي کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي آفيسرن جي ورچوئل ٽريننگ ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موبائيل ج??نلزم جي تربيتي ورڪشا?? ۾ ??ورتن جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي، عورتون ڪنهن به طرح مرد صحافين کان پٺتي نه آهن. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران عورت صحافين اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، عورتن جي هر شعبي ۾ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. واضح ره?? ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ موبائيل ج??نلزم تي ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ 27 ۽ 28 مئي 2022ع تي انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ منعقد ٿيو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد، پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.