اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽ??ٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ملتان جي فائر مين جي بيواهه کي منافعي سان گڏ گروپ انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر چيو آهي ته ملازم جون 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، بيواهه کي انشورنس جي انتظار ۾ 6 سال ٿي ويا رقم ناهي ملي، تڪليف ۽ اذيت کانسواءِ وقت سان گڏ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي ويندي، صدر وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي حڪم ڏنو آهي ته اسٽ??ٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان بيواهه کي منافعي سان گڏ انشورنس جي رقم ادا ڪري، صدر وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اسٽ??ٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر چيو ته 12 مارچ 2008ع تي لوڪل گورنمينٽ ۽ اسٽ??ٽ لائيف جي وچ ۾ گروپ انشورنس جو معاهدو ٿيو هو، پنجاب حڪومت جو 60 سال کان گ??ٽ عمر هر ملازم پريميم جي ادائيگي سان مشروط بيمه شده آهي، فوتي فائر مين سروس دوران پنهنجي بينادي پي اسڪل م??جب مهينو پريميم به ادا ڪي??، بيواهه جي دعويٰ جي حق ۾ سڀئي گهربل دستاويز به موجود آهن، جڏهن ته وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف فيصلي لاءِ ڪو ٺوس سبب موجود نه آهي، شڪايت ڪندڙ کي گروپ انشورنس معاهدي م??جب انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ انشورنس ڪمپني جي ذمي??ار?? آهي.