اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي ملازمن جي شاهراهه دستور تي جاري احتجاجي مظاهري ۾ پهچي ملازمن جا مطالبا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ مظاهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪر?? ڇڏيو. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب اربع جي رات شاهراهه دستور تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ملاقات جي لاءِ پهچي وئي. اي پي پي جو ايم ڊي اختر منير، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن پڻ ساڻس گڏ ??ئا. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير يڪجهتي جي اظهار طو?? مظاهرين سان گڏ روڊ تي ويهي رهي. هن چيو ??ه صحافين سان سندس تعلق سياسي يا حڪومتي نمائندي جي طو?? تي نه آهي، آئون اي پي پي جي ملازمن جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان پر اهي مسئلا رڳو اي پي پي جا نه آهن. هن چيو ??ه ڏينهن رات اطلاعات وا??ي وزارت جا اعليٰ عملدار ناڻي وا??ي وزارت سان رابطي ۾ رهيا. (ڊسپيريٽري الائونس) ۽ ريگيولر پي اسڪيلز سڀني ڪارپوريشنز جو مسئلو آهي. ناڻي وا??ي وزارت جي عملدارن کي چيو ??هي ته ان مسئلي جو جلد حل ڪڍن، ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اڄ اربع ڏينهن ان معاملي جو جائزو وٺندي. هن اي پي پي ايمپلائيز يونين جي نمائندن کي چيو ??ه اهي به ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب خاطري ڪرائي ته اي پي پي ملازمن جي ترقي لاءِ ڊي پي سي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون. اي پي پي ملازم اطلاعات وا??ي وزير مريم اورنگزيب جي اچڻ، يڪجهتي جي اظهار ۽ مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائڻ تي ٿورا مڃيا ۽ احتجاج ختم ڪر?? ڇڏيو.