اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ ڪامن ويلٿ گي??ز ۾ تمغا حاصل ڪندڙ رانديگرن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو سربلند ڪري ڇڏيو، وطن واپسي تي انهن سان ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته نوح بٽ ۽ ا??شد نديم سوني، شريف طاهر، زمان انور ۽ انعام بٽ چاندي، شاهه حسين، علي اسد ۽ عنايت الله ڪامن ويلٿ گي??ز ۾ تانبي جا تمغنا کٽي مون سميت سمورن پاڪستانين جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي. توهان پ??ري قوم جو فخر آهيو. وزيراعظم چ??و ته هو انهن سمورن ايٿليٽس سان وطن واپسي تي ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪندو. ان کانسواءِ ڪامن ويلٿ گي??ز ۾ شريڪ ٻيا پاڪستاني ايٿيليٽس پڻ فخر جوڳا آهن جيڪي محنت ۽ لڳاءُ سان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته فتح ۽ هار راند جو حصو آهي، حوصلو نه هاريو، محنت جاري رکو.