دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023ع جو آفيشل مئچ بال ”الريحلا“ پاڪستان ۾ ٺاهيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيفا ورلڊ ڪپ اسٽيڊيم 974 جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وز??را??ظم کي روڊ ڪپ جي تي??رين بابت بريفنگ ڏني وئي. اسٽيڊيم پهچڻ تي وز??را??ظم کي اسٽيڊيم جو گائيڊيڊ دورو ڪرايو ويو ۽ کيس فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع جي ميزباني جي لاءِ قطر جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تي??رين بابت ٻڌايو ويو. وز??را??ظم دنيا ج?? سڀ کان وڏي راندين جي ايونٽ جي لاءِ جديد ترين سهولتون قائم ڪرڻ ۾ قطر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن فٽ بال اسٽيڊيم جي شان ۽ شوڪت ۽ ان سان واڳيل سهولتن کي ساراهيو جنهن ۾ قطري ثقافت ۽ سڃاڻپ جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. وز??را??ظم قطر جي عوام ۽ قيادت کي مگا ايونٽ منعقد ڪرڻ ۾ شاندار ڪاميابي جي خواهش جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم ورلڊ ڪپ بابت بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وز??را??ظم چيو ته پاڪستانين کي ان حقيقت تي فخر آهي ته فٽ بال ”الريحلا“ فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023ع جو آفيشل مئچ بال پاڪستان ۾ ٺاهيو ويو آهي.